لاهور (م ڊ) اپوزيشن حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ سرگرم، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جو آصف زرداري سان رابطو، چوڌري ڀائرن سان به ملاقات ڪري حمايت گهري ورتي، ق ليگ پاران مهلت طلب، آصف زرداري خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي اپوزيشن سان گڏ آهيون. پي ڊي ايم سربراهه  مولانا فضل الرحمان لاهور ۾ چوڌري ڀائرن جي گهر پهچي ملاقات ڪئي، ملاقات جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، ذريعن موجب فضل الرحمان ۽ ق ليگ قيادت وچ ۾ ملاقات ٻن سيشنز تي ٻڌل هئي، ٻئي سيشن ۾ فضل الرحمان، چوڌري شجاعت حسين، پرويز الاهي ۽ اڪرم دراني شريڪ هئا، مولانا فضل الرحمان ق ليگ قيادت کان بي اعتمادي رٿ تي حمايت گهري، ذريعن موجب ق ليگ پارٽي سان مشاورت لاءِ وقت گهريو ۽ چيو ته اپوزيشن وارا پاڻ ۾ طئي ڪن، چوڌري ڀائرن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ سان پراڻا لاڳاپا آهن، ملڪ لاءِ جيڪو بهتر هوندو، اهو ڪنداسين، اپوزيشن جماعتن سان ڪيتريون ئي شڪايتون هيون ۽ آهن. جنهن تي فضل الرحمان جواب ڏيندي چيو ته پي ڊي ايم ۽ اپوزيشن پاڻ ۾ مشاورت ڪندي، ٻن ڏينهن بعد اوهان کي فون ڪنداسين، اڄ شهبازشريف به توهان سان ملاقات ڪرڻ ايندو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته حڪومت کان اتحادي به مطمئن نه آهن، هي واحد حڪومت آهي، جنهن مان ڪير به خوش نه آهي، ان کان اڳ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زردري سان رابطو ڪيو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. ذريعن موجب ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن سياسي صورتحال تي حڪومت مخالف قدمن تي ڳالهايو. ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته بي اعتمادي جي معاملي تي سڄي اپوزيشن سان گڏ آهيون جڏهن ته مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت جي اتحادين سان به جلد رابطا ڪنداسين. هوڏانهن نواز ليگ صدر شهبازشريف به 14 سالن بعد اڄ چوڌري ڀائرن سان سندن رهائشگاهه تي پهچي ملاقات ڪندو، ايم ڪيو ايم کانپوءِ نواز ليگ شهبازشريف جي اهم حڪومتي اتحادي جماعت ق ليگ جي قيادت سان ملاقات طئي ٿي آهي، اڄ شهبازشريف چوڌري ڀائرن جي گهر پهچندو، شهبازشريف جي چوڌري ڀائرن سان سندن گهر پهچي ملاقات 14 سالن بعد ٿيندي، ذريعن موجب شهبازشريف چوڌري ڀائرن کان حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ تي حمايت گهرندو. واضح رهي ته اپوزيشن جماعت جي اتحاد پي ڊي ايم وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پي ڊي ايم 23 مارچ تي حڪومت مخالف لانگ مارچ ڪرڻ جو فيصلو به برقرار رکيو آهي.