نوابشاھ: پ پ شھيد بينظير آباد ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار نواب ولي محمد  ۾ زمين جي مسئلي تان زرداري ۽ ڀنڊ برادري جي ٿيل جھيڙي ۾ 5 ڄڻا قتل ٿيڻ بعد جاءِ واردات تي پھچي پوليس کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا، ان موقعي تي ضياءُ الحسن لنجار  ڏُک جو اظھار ڪندي چيو ته واقعي جا جوابدار ڪيترا به با اثر ڇو نه ھجن انھن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي، ھن چيو ته واقعي ۾ جيڪڏهن پوليس اھلڪار ملوث هوندا ته انھن خلاف ڪيس داخل ڪري انھن کي گرفتار ڪيو ويندو.