نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ مينهان خان رند ۾ پورهيت ميگهواڙ برادري جي گهرن کي اوچتو بجلي جي تار مان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن پورهيتن ڀاڳ چند، شيو ۽ ڪرشن مينگهواڙ جا گهر سڙي رک ٿي ويا ۽ گهرن ۾ پيل سامان کائڻ لاءِ رکيل ان، هنڌ بسترا سڙي رک ٿي ويا. ڪرشن ميگهواڙ جون ٽي ٻڪريون ۽ هڪ گڏهه باهه لڳڻ سبب سڙي مري ويو. اوچتو باهه لڳڻ سبب ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پهچي فائر برگيڊ آفيس نوابشاهه ۾ اطلاع ڏنو پر فائر برگيڊ جو عملو نه پهچڻ ڪري ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه ورهيتن جي ٽن گهرن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. باهه متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن، هنن وس وارن کان مدد جي اپيل پڻ ڪئي.