نندوشھر (ن پ ا)  نندي مان اغوا ٿيل عورت جو ڪيس 5 جوابدارن تي داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ خميسو کوکر مان طلاق يافته 28 سالا زرينه ملاح مبينا اغوا ٿي وئي هئي. اهڙو ڪيس نندو ٿاڻي تي مبينا اغوا ڄاڻايل ناري زرينه کوکر جي والد محمد کوکر نندو ٿاڻي تي قلم  458-365/بي 35 پي پي سي تحت  داخل ڪرائي آھي جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته 10 مارچ تي رات دير سان پنج جوابدارن امين ملاح، علي اڪبر ملاح، مشتاق ملاح، مٺو ملاح، پوڙهو عرف ببلو ملاح  هٿيارن جي زور تي ننڍ ۾ ستل نياڻي زرينه کوکر کي اغوا ڪري اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيئي ويا آھن. اسان انهي ظلم خلاف راڄ ڀاڳ ۾ بااثرن کي ڌانهن ڏنيون پر ڪوبه کڙتيل نه نڪرڻ سبب قانون جو سهارو وٺي ڪيس داخل ڪرايو آھي. هن ڪيس ۾ الزم هڻندي ڄاڻايو آھي ته مونکي خدشو آھي تہ منهنجي نياڻي کي  مذڪره جوابدار  ڪو جاني نقصان نہ پھچائين. هوڏانهن چار ڏينهن گذرڻ باوجود به مبينا اغوا ٿيل نياڻي بازياب نه ٿي سگهي آھي