ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگھڙي ڀرسان ھٿيارن جي زور تي ناري مبينا اغوا، خبر موجب ڳوٺ علي خان لغاري جي رھواسي 18 سالن جي زھرا لغاري کي ھٿياربند گھر ۾ داخل ٿي مبينا طور اغوا ڪري کڻي فرار ٿي ويا، ڊگھڙي ٿاڻي تي ناري جي والد فريادي محمد رمضان لغاري ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ٻن ڄڻن محبوب علي لغاري ۽ الله جڙيو لغاري گذريل رات جو دير سان ھٿيارن جي زور تي منھنجي نياڻي کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد ھڪ جوابدار محبوب علي کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.