نقلي سچ ۽ اصلي ڪوڙ جو دؤر

0
131
نقلي سچ ۽ اصلي ڪوڙ جو دؤر

 اوھان مان جيڪي ٽيھن سالن جي ڄمار کان وڏا ٿي چڪا آھيو، اھي پنھنجي بزرگن کان پڇي سگهن ٿا ته ٻي مھاڀاري جنگ جي خاتمي سان صرف “اقوام متحدہ” ئي وجود ۾ نه آيو پر ڪيميڪل ڀاڻ ۽ صنعتي زھريلي دوائون به مارڪيٽ ۾ آنديون ويون، جيڪي بعد ۾ زراعت ۾ ڪاھي پيون. ھي جيڪي يوريا، ڊي اي پي قسم جا ڀاڻ اوھان پنھنجي فصلن کي ڏئي پنھنجي پر ۾ خوش ٿيندا آھيو ته ھاڻي فصلن جي پيداوار ڀلي ٿيندي ته اصل ۾ اوھان ٻي مھاڀاري جنگ جو بچيل بارود فصلن ۾ پيا وجهو، جيڪو بارود ڪالهه شھرن ۽ انسانن جي سينن ڦاڙڻ لاءِ ٺاھيو ويو ھئو، اھو ھاڻي اوھان جي ٻنين جي سينن ڦاڙڻ لاءِ استعمال ٿئي پيو!

تاريخ شاھد آھي ته ڪيئن ان جنگ ۾ بچيل بارودي مواد کي ٻيھر استعمال ۾ آڻڻ لاءِ ڏاڍين رياستن ۽ سرمائيدارن جا چالاڪ ڪَٺي ڪيا ويا ھئا، جن مصنوعي ڀاڻ ۽ پوءِ ان کي ڪتب آڻڻ لاءِ جنياتي ٻچ ٺاھيا ھئا، ھنن وري انھن اوپرن ٻجن کي مقامي جيت جڻي کان بچائڻ لاءِ زھريلي دوائون ٺاھيون ھيون، جن دوائن جي زھر کي گهٽائڻ لاءِ پاڻيءَ جي وافر مقدار جي ضرورت پئجي وئي ۽ ائين ھاڻي دنيا جھان جا ھاري ناري، ڏيکاءَ واري منافعي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيئن ڀاڻ، ٻج ۽ دوائن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجيون گُنديون خالي ڪندا پيا اچن.

سو مونکان جيڪڏھن ڪو پڇندو آھي ته ٻي مھاڀاري جنگ ۾ فاتح اتحادي آھن يا نازي، ته مان ترت چوندو آھيان ته انھن مان ڪوبه نه پر ان جنگ ۾ فتح، سڄي دنيا جي ھڪ طبقي کي ملي، جنھن کي اوھان سڀ “سرمائيدار طبقو” سڏيندا آھيو! اھو طبقو اوھان کي فاتح قومن ۾ ملندو ته ھارايل قومن ۾ به، روس ۾ به ته امريڪا ۾ به! ان طبقي جي نه ته ڪا قوم ٿيندي آھي، نه ئي وري ڪو دين ڌرم! بس ان جو ھڪ ئي مقصد آھي ته ھن دنيا جي رھواسين مان ڪيئن سرمايو ميڙبو رھجي! اھو سڄي دنيا جي وسيلن تي قابض آھي، ھو جتي موجود ناھي ته اتي فرينچائيزڊ ٺيڪيدار رکيو ويٺو آھي، جيڪي مقامي وسيلن جي ڳر جو ٿورو حصو پاڻ ڪڍي باقي منافعو ان کي رسائيندا آھن. اھو سرمائيدار طبقو اوھان کي دنيا جي ھر مڪتب ۾ ويس مٽيل حالت ۾ ملي ويندو! ھو پارليامينٽ ۾ نه ٿو ويھي، ڇو جو ان جي ھن کي ڪابه ضرورت محسوس ناھي. ڳالهه سڌي آھي ته ھو اتي به پنھنجي فرينچائيزڊ ڀرتي ڪري چڪو ھوندو آھي، جتي سندس ايجنٽ سياسي ليڊرن ۽ اوھان جي نام نھاد ووٽن جي آڌار تي براجمان ٿي پارلياماني ميمبر پنھنجي “آقا طبقي” لاءِ رستا ھموار ڪندا ويندا آھن.

ٻي مھاڀاري جنگ کان پوءِ ان طبقي پنھنجي پاڻ کي مڪمل طور تي “چمڙا پوشي” واري حالت ۾ ڪري ڇڏيو آھي. ھو مختلف حيلن بھانن سان اوھان جي تصورن سان کيڏندو، اوھان جي قدرن کي مٽائيندو، اوھان کي پنھنجي مايا جال ۾ سوڙھو ڪندو ويو آھي. ارونڌتي راءِ چواڻي ته: “اڳي جنگين ۾ استعمال ٿيڻ لاءِ ھٿيار ٺاھيا ويندا ھئا، پر ھاڻي وري ھٿيارن کي کپائڻ لاءِ جنگيون ٺاھيون پيون وڃن!” اڳي دنيا جا سڀ آدرشي ازم انسانن جي قدرن جو بچاءُ ڪندا ھئا، حڪومتي ادارا عوام جي حقن جي بچاءَ ۽ رسد لاءِ ٺاھيا ويندا ھئا پر ھاڻي سڀ جو سڀ انسان انهن ھٿ جي ٺاھيل ازمن ۽ ادارن جي بچاءَ لاءِ جيئرا رھن ٿا! اڳي اوھان جا قدر نامياتي ھوندا ھئا، معنا سماج سوين سالن جي ارتقا ۽ سبقن مان سکندو پنھنجا قدر ۽ ماپا ٺاھيندو ۽ انھن جي ترتيب ڏيندو ھئو پر ھاڻي اھي سڀ جو سڀ قدر اوھان کي “مارڪيٽ” ميڊيائي ھٿيار جي مدد سان ٺاھي ڏئي رھيو آھي. اوھان ڪڏھن غور ڪيو آھي ته موجودہ دور جنھن ۾ اوھان پنھنجي پاڻ کي “جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ” وارو دور سڏيو پيا، ان ۾ اوھان جو تعارف بس ھڪ “گراھڪ” يا “متاثر” وارو آھي، جنھن ۾ اوھان ڪنھن به قدر اڳرا نه پر “مڃيندڙ” آھيو. اوھان بس ان ڳالهه ۾ اڳرا آھيو ته وڌ ۾ وڌ پئسو ھٿ ڪري ھن ھڻ ھڻان واري تيز رفتار ڊوڙ جي پھرين قطار ۾ ڪيئن اچجي! اوھان پنھنجا ٻار به ٺيڪ پنھنجي نموني سان ٺاھڻ گهرو ٿا! ھڪ ننڍڙو مثال ئي ڪافي آھي ته ٻن ٽن دوستن جي وچ ۾ ٻارن جي اسڪولن تي ڳالهائڻ مھل سڀ کان وڌيڪ زور ڪھڙي شيءِ تي ڏيندا آھيو؟ ته اوھان جو ٻار ڪھڙي اسڪول ۾ پڙھي پيو ۽ ان جي فيس ڪيتري مھانگي آھي؟ ۽ جيتري مھانگي ھجي، اوترو بظاھر اوھان ٿورو ڏکارو ٿي مسڪين ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آھيو پر پنھنجي اندر ۾ ھڪ انا ڀريل ھٺ جي احساس سان برتر ٿيڻ ۾ خوشي به محسوس ڪندا آھيو! اوھان ڪڏھن فيس سان گڏ تعليمي نصاب لاءِ ته ڪونه فخر ڪيو آھي ته اوھان جو ٻار ڪيترو “حقيقي ۽ تخليقي تعليم” حاصل ڪري پيو ۽ ان تعليم جي ڪري اوھان جي ٻار جي اندر ۾ ڪيتري تخليقي صلاحيت وڌي رھي آھي؟ اھا وڌي به رھي آھي يا اھو نڪور ٻار مٿين سرمائيدار طبقي جي مرضيءَ واري سليبس ۾ ڏينھون ڏينھن ھڪ روبوٽ پيو ٿيندو وڃي! جنھن آلودي ۽ تعصب واري تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوھان جو ٻار وري به ان ئي طبقي جي مفادن جو خيال رکندو ھڪ نئون فرينچائيزڊ روبوٽ بڻجي چڪو ھوندو! پر اھي ڳالهيون اوھان کي تڪڙيون سمجهه ۾ انڪري به نه اينديون ته اوھان ننڍپڻ کان وٺي ھڪ بي انت جمود جو شڪار ٿيل آھيو! اوھان ته ھاڻي اھو به سمجهڻ کان نابري واري بيٺا آھيو ته ھزارين سالن جي سنڌو تھذيب جي قدرن کي ڪيئن ان طبقي ميڊيا وسيلي اھڙو ته تبديل ڪري ڇڏيو آھي جو ھاڻي ھڪ ماڊل ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ، پيءُ، ڀاءُ ۽ پٽ درحقيقت اھي آھن، جيڪي اوھان کي ڪارپوريٽي شين، ڪي ايف سي، ميڪ ڊونالڊي ڪلچر، برانڊيڊ شين جا آڻيندڙ يا استعمال ڪندڙ ھجن، نه وري اھي جيڪي واقعي به اوھان لاءِ دِلي طور تي پيار ڪندڙ ھجن!

اوھان کي دٻن واري کير لاءِ لڀائيندي حقيقي تازي کير کان اھڙو ته بر ڪيو ويو آھي جو اوھان به انهن جي ڪوڙن کي سچ سمجهي ڇڏيو آھي ته اصل ۽ تازو ڏڌل کير ۾ بئڪٽيريا ٿين ٿا! مزي جي ڳالهه ته اھو طبقو اوھان جي ئي ڀاڳين کان سئو رپيا ڪلو جي ريٽ تي کير وٺي ان کير کي کَسي ڪري اوھان کي مصنوعي وٽامنز ملائي دٻن ۾ بند ڪري جعلي کير ٻه سئو رپين جي ريٽ تي ڏئي ٿو! ۽ اوھان ان مھا غنڊاگرديءَ کي پنھنجي حفاظت پيا سمجهو!

تصورن جي ان مٽاسٽا واري عمل کي ڏاھا “جديدت پڄاڻان” يا وري ڪي “سچ پڄاڻان” پيا سڏين! جنھن ۾ اوھان سڀ جو سڀ ھاڻي اھڙو ته جڪڙجي ويا آھيو، جو خود اوھان به پنھنجي پاڻ کي بيوس محسوس پيا ڪريو! سياسي ۽ سماجي اک سان ڏسو ته اوھان کي ھڪ عجيب لقاءُ ملندو. سامراج جڏهن سڌي بيٺڪي نظام (ڪالونيل سسٽم) ۾ وائکو ٿيڻ لڳو ته هن نئون بيٺڪي نظام سامهون آڻي ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪئي. جنھن کي مزاحمتي لڏن “نيو ڪالونيل سسٽم” جو نالو ڏنو. پر خيرن سان 1997 ۾ هانگ ڪانگ جي جند ڇٽڻ کان پوءِ اهو اڻ سڌي طرح سان به ڪالونيءَ وارو سلسلو بند ٿي ويو ۽ پوءِ هڪ نئون اصطلاح آيو. جيڪو ڪارپوريٽ ڪلچر جي جديد سهڻي لغت ۾ معتبر نالو ٿي ويو. يعني فرنچائيزڊ سسٽم. هاڻي اوهان برڙ باڪاس ادارن جون ننڍيون ننڍيون فرنچائيزون وٺي ويھ پئسا پاڻ کڻي باقي اسي پئسا انهن سرمائيدارن جي واتن ۾ وجهو.

سياست ۾ ڏسندئو ته جڏهن به ڪا ڌر سامراج جي لاءِ اک جو ڪنڊو بڻجي ويندي آهي ته سامراج پھريون ڪم اهو ڪندو آهي ته ان ڌر جي اهم ماڻهن کي رستي تان پرتي ڦٽي ڪرائي ان جي جڳھ تي پنھنجا فرنچائيزڊ ماڻهو رکندو آهي. جيڪي ماڻهو سڄو ڏينھن سامراج کي ڪچيون گاريون ڏئي مظلوم ماڻهن جي ڦٽن تي ڄڻ پنھنجي ليکي پھا رکي، رات جو وري سامراج جي آڏو “جِي سر” جو سليوٽ هڻي سندس پير چٽيندا آهن.

مزي جي ڳالهه ته اسان کي ھاڻي لفظ “آزاديءَ” جي معنا به اھڙي ڪري ٻڌائي پئي وڃي جو عدل سان ڏسجي ته اھا “آوارگي” ئي ملندي. وري نعرا ڏسو! چون ٿا ته ھي ڄاڻ جو دؤر آھي! پر دوستو! اھو وڏو ڪوڙ آھي. ڄاڻ جو دور نوي کان پھرين ختم ٿي ويو ھئو. ھاڻي ھي دور “خبرن” جو دؤر آھي. مسلسل خبرن ۾ رھڻ جو يوڳ! جنھن ۾ ميڊيائي پينواراما جي ذريعي ھڪ ڪُوڙ کي پير کوڙي اھڙي ريت پيش ڪيو وڃي ٿو جو اوھان اٻوجهه ان ڪوڙ کي اڃا سمجهي ئي نه سگهندا آھيو ته مٿان وري ٻيو ڦھڪو ڏئي ڪوڙ ڪرندو آھي. چئنلن تي ٽاڪ شوز جي مداري ويڙھاڪن کي سچ سمجهرائي اوھان کان ھٿ ٺوڪيا ھيروز ٺھرايا پيا وڃن، جن کي وري ڪجهه ئي مھينن ۾ بدلايو ويندو. سو دوستو، ھتي ھر شيءِ نقلي اٿوَ! ھي عقيدن جا ڌنڌا، تعويذن جا ٽوٽڪا، عامل بابا نظر اچن ٿا، اھي اوھان کي ھر روپ ۾ ملندا، ڪڏھن حڪيمن جي روپ ۾ ته ڪڏھن ليڊرن جي شڪل ۾!

ياد رکجو! ھن ڪٻاڙي ۽ لٻاڙي خبرن جي دؤر ۾ اوھان جي حقيقي ڏاھپ اصل ۾ اھا آھي جو اوھان اصل سچ کي ڪيئن ٿا ڳولي لھو؟ اھو نه ته اوھان وٽ ڪيتريون خبرون آھن، پر اھو ته اوھان انهن خبرن مان ازلي سچ کي ڪيترو سڃاڻي سگهو ٿا!

[email protected]