ناول نگاري نوجوان نسل ۽ طارق عالم ابڙو جي ياد

0
215
ڪارونجھر-جا-ڪولھي-راسوڙا-۽-روپلو-ڪولھي

ادب جي دنيا ۾ “ناول” ھڪ اھڙي صنف آهي جنهن ۾ اسان جو نوجوان پڙهڻ جي حوالي سان وڏي دلچسپي وٺندو رھيو آهي.جيتوڻيڪ ھن وقت سنڌ ۾ ناول لکڻ ۽ پڙهڻ جو لاڙو پڻ تمام گهڻو وڌيو آهي ۽ سنڌ ۾ نوجوان ليکڪن پاران سٺا ناول پڻ لکجي مارڪيٽ ۾ اچي رھيا آهن جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي. ھڪڙو دور اھو پڻ ھوندو ھو جڏهن اسان پارا نوجوان دوست رومانوي ناول پڙهڻ کي ترجيح ڏينداھئا، سنڌي ادب ۾ رومانس جي ڪھاڻي جي حوالي سان تمام گھڻا ناول مارڪيٽ ۾ آيا آھن نجم عباسي جي پيار ڪھاڻي ڪرشن کٽواڻي جو منهنجي مٺڙي سنڌ ان کان پوءِ  جڏهن طارق عالم ابڙي جو ناول “رھجي ويل منظر” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو تڏهن انھي ناول جي ڪھاڻي پلاٽ ڪردار سنڌي ادب ۾ پنهنجي زبردست ڇاپ ڇڏي اھوئي سبب آهي جو سنڌ جا نوجوان ليکڪ انھي ڊڪشن کي قائم رکندي سٺا رومانوي ناول لکندا پيا اچن. ادب جي دنيا ۾ نوجوان ھاڻي  روايتي لکڻ واري سحر کان پڻ ٻاهر نڪري آيا آهن سموري دنيا ۾ رومانس جي ڪھاڻي جي حوالي سان جيڪي ناول لکيا ويا آهن انهن جي اڪثر ڪھاڻي يونيورسٽي ڪئمپس سان سلھاڙيل رھي آهي.

ناول نگاري جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته سنڌ جو نوجوان جتي امرجليل، موھن ڪلپنا، آغا سليم، نجم عباسي، طارق عالم ابڙو کي پڙھندو رھي ٿو اتي موجوده وقت ۾ ھو سنڌ جي ٻين ناول نگارن سليم جمالي، انور ابڙو، ايوب کوسو، دليپ دوشي لوھاڻو ٻين ناول نگارن کي پڻ پڙھندو رھي ٿو.ناول نگاري ۾ سليم جمالي جھڙن ليکڪن سنڌي سماج جي انھن موضوعن تي قلم  کنيو آهي جن  تي اڳ تمام گھٽ لکيو ويو آهي.بحرحال سنڌ ۾ معياري ناول لکڻ جو ھڪ ٽرينڊ ضرور اڀريو آهي. اڄ سنڌ جي خوبصورت ناول نگار ليکڪ طارق عالم ابڙو کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن پڻ آهي. سنڌ ۾طارق عالم ابڙو جو نالو هڪ اهڙي جينيئس ليکڪ طور ورتو وڃي ٿو جنهن کي سنڌ جا نوجوان پنهنجو “محبوب ليکڪ” سمجھن ٿا.هن جو خاندان سنڌ ۾  ھڪ“آرٽسٽ” طور سڃاتو وڃي ٿو. آرٽسٽ خاندان ۾ اک کوليندڙ طارق عالم ابڙو سنڌ جو اهوناول نگار هو جيڪو پنهنجي شخصيت ۾ پڻ غيرمعمولي ماڻهو هو.ھن جي لکڻ جو ڏانءُ پڻ نرالو ھوندو ھو،انھي ڪري ھر پڙھندڙ ھن جي ڪھاڻي ۾ وڃائجي ويندو ھو.ھن جي ڪھاڻين ۽ ناول جا ڪردار ماڻهن جي ذھنن ۾ نقش جيان اڀري ويندا ھيا.ناول “رھجي ويل منظر ”جي رومانوي ڪھاڻي جاڪرداراسان جي نوجوانن کي ڪنهن به ريت نٿا وسري سگھن هڪ خوبصورت ڪهاڻيڪار، ناول نگار جي حيثيت سان طارق عالم سنڌ جي نوجوانن جو آواز بڻيل رھيو. سنڌ جي وڏن تعليمي ادارن ۽  يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ نوجوان ھن سان تمام گهڻي محبت ڪندا ھئا.هن پنهنجي تخليقي صلاحيتن ذريعي پنهنجو پاڻ ملهايو.

هن جو لکيل ناول “رهجي ويل منظر” سنڌي ادب ۾ هڪ شاهڪار ناول جي حيثيت رکي ٿو. ڄامشوري جي حُسناڪي جي منظرن ۽ رومانوي انداز کي جهڙي ريت طارق عالم پنهنجي ھن ناول ۾ لکيو (چٽيو) آهي ايئن سنڌ جي ٻئي ڪنهن ليکڪ ڄامشوري جي حُسناڪي منظرن کي هن ريت پيش ناهي ڪيو. طارق عالم ابڙو سنڌ جو اھو رومانوي ليکڪ هو جنهن پنهنجي ناول سميت ڪهاڻين ۾ پڻ خوبصورتي جا رنگ چٽيا آهن. طارق ته ننڍي ڄمار کان ئي ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ ڊراما لکندوھو. ھن پي ٽي وي لاءِ 19 ڊراما پڻ لکيا.هن ليکڪ پنهنجي ڪهاڻين توڙي ڊرامن ۾ سنڌ جي سماجي المين جي خوبصورت انداز سان عڪاسي ڪئي آهي.ھن جي لکڻين ۽ڪھاڻين جي ڪردارن ۾ سنڌ جاڳندي ھئي.ھو پنهنجي طبعيت ۾ کرو ۽ سچو ماڻهو ھوندو ھو جنهن سبب هن سان سفيد پوش ماڻهو اڪثر گھٽ ٺهندا هئا. پر هو اهل دل ماڻهن سان پيار ڪندڙ شخص هو ۽ مهراڻ رسالي جي ايڊيٽري واري دور ۾ هن سنڌ جي نئين ٽهي جي ڪيترن ئي ليکڪن جي رهنمائي ڪري انهن کي لکڻ تي اُتساهيو. مون پارن ڪيترن ئي نوجوانن هن جي لکڻين مان اُتساهه وٺي لکڻ شروع ڪيو. گل ڦل ۽ مهراڻ رسالي ۾ لکندڙ نوجوان ليکڪن سان هو خط ڪتابت پڻ ڪندو هو.

طارق عالم ابڙو سنڌ  جي ڪيترن ئي  نوجوانن جوآئيڊيل ليکڪ پڻ هو. 1997 ع ۾  سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران هن سان منهنجون طويل ملاقاتن جو سلسلو جاري رھيو مختلف ملاقاتن کان پوءِ ھو اسان جو سٺو دوست پڻ بڻجي ويو.2003ع ۾ هو مارئي ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ انعام شيخ سان گڏ مٺيءَ (ٿر)پڻ آيو هو.ايئن ئي هن محبوب ليکڪ سان نيازمندي جو ھڪ سلسلو ھلندو رهيو. پنهنجي ذاتي زندگي ۾ هو اڙٻنگ ۽ خوددار ليکڪ هو جيڪو هر ڪنهن کي سچ چئي ڏيندو هو. طارق عالم، اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ وارو شخص هو جنهن پنهنجي زندگي ۾ منافق ٽولن جي غرض نه ڪڍي.هو پنهنجي ذاتي زندگي ۾ بهادر شخص هو ۽ ھو گردن جي تڪليف ۾ ورتل ھو آخري وقت ۾ ھن جي جگر ۽ گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ھو پر ھو بهادري سان بيماري کي منهن ڏيندو رھيو .جڏهن ھو بيمار ھو تڏهن سنڌ جي هن ٻهگڻي ليکڪ لاءِ اڳوڻي پ پ جي جمهوري حڪومت هن جي علاج ڪرائڻ لاءِ سگهه رکي نه سگهي هئي ۽ ھن ليکڪ جي زندگي بچائي نه سگهي ھئي. انھي وقت ۾ طارق عالم ابڙي جو پرڏيهه مان علاج ٿيڻ ممڪن هو پر سرڪار سڳوري وٽ 60 لک ڪٿان اچن جو طارق جو علاج ڪرائي سگهي ها؟ اها ٻي ڳالهه آهي ته انهي وقت 2011ع  ۾ هارائيندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ لکين رپيا “سنڌ بجيٽ” مان ڪڍيا ويا هئا پر جنهن شخص پنهنجي زندگي جا 35 سال قلمي پورهيو ڪندي گذاريا، انهي جو انھي وقت علاج ٿي نه سگھيو ھو ۽بيماري جي عالم ۾هڪ خوددار ليکڪ پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي ويهي رهيو ۽11 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن يعني 11 جون 2011ع تي طارق عالم ابڙو اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويوھو.

اڄ جڏهن هن جي ورسي جو ڏهاڙو آهي تڏهن هن جون بي پناهه يادون ذهن جي ڪينواس تي تري اچن ٿيون. طارق عالم کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگھي. هن جون يادون اسان جي دلين ۾ هميشه محفوظ رهنديون ۽ سنڌ جا نوجوان هن جي لکڻين تحريرن ۽ ڪهاڻين کي پڙهي اُتساهه وٺندا رهندا.