نئون ديرو (ن پ ا) نئين ديري ۾غريب آباد محلي جي رهواسي شيخ برادري جي عورتن، مردن ٻارڙن سان گڏجي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو، عزت خاتون، آسيه، علي شير، لعل ڏنو شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدارن خالد شيخ کي اغوا ڪري مارڪٽ ڪرڻ بعد اسپتال ۾ڦٽو ڪري ويا، کيس ڇڏائڻ ويل غلام مصطفيٰ شيخ کي به ڪهاڙيون هڻي رتورت ڪيو ويو، لٺيون لڳڻ سبب حڪيم شيخ جي ٻانهن ڀڃي پئي، اين سي داخل ڪرائي  پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو. جوابدارن به اسان خلاف ڪوڙي اين سي داخل ڪرائي آهي،پوليس اسان جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو.