جوهي (ن پ ا) جوهي لڳ ڪاڇي جي ڳوٺ بکر جمالي ۾ هڪ مهيني اندر 23 ماڻھو مليريا سبب فوت ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي مليريا ۾ پڻ مبتلاء آھن. متاثر ڳوٺاڻن مسمات الھوسائي جمالي, حاجي يونس جمالي, محمود جمالي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ مهيني اندر ڳوٺ بکر جمالي ۾ مليريا سبب 23 ماڻھو فوت ٿي ويا آھن فوتين ۾ مرجان, ارباب, عطيا, صابي, شاھن, وقار, رحيم خان, شوڪت, محمد خان, آمي جمالي, عبدالله جمالي,خطيب احمد,سهيل احمد جمالي سميت ٻيا شامل آھن, هنن چيو ته صحت کاتي طرفان ڪي اپاء نه ورتاء ويا آھن ڪيترن ئي مائرن جون جهوليون خالي ٿي ويون آھن. هنن چيو ته ڪيترائي معصوم ٻار, عورتون, مرد مليريا ۾ مبتلاء آھن هڪ ته ڪاڇي ۾ صحت جون سهولتون نه آهن جو وقت سر علاج ٿي سگهي,هنن چيو ته جي ڳوٺ بکر جمالي جي آس پاس ڪابه صحت مرڪز ناهي ڏھ ڪلو ميٽر فاصلي تي واهي پانڌي شھر ۾ پي پي ايڇ آء صحت مرڪز آھي پر اتي به مليريا جون دوائون موجود نه آھن هنن  صحت کاتي کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ بکر جمالي ۾ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪري مليريا سميت ٻيون دوائون مهيا ڪري ڳوٺاڻن کي رليف فراهم ڪيو وڃي.