ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ ٽماٽن کانپوءِ بصر ۽ پٽاٽا به مهانگا، ان ڏس ۾ ڪراچي جي  مارڪيٽن ۾ ٽماٽا 240 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيا هئا، ڪالهه کان بصرن جو اگهه پڻ وڌي 200 رپيا  في ڪلو تي پهچي ويو، واضح رهي ته منڊي ۾ بصرن جو اگهه 6000 رپيا مڻ يعني 150 رپيا ڪلو هو، جڏهن ته ڀاڄي وڪرو ڪندڙ في ڪلو تي 50 رپيا نفعو ڪمائي  رهياهئا، ٻئي طرف نوان لٿل پٽاٽا پڻ 45 مان وڌي 60 رپيا في ڪلو ٿي ويا هئا