اڏيرولال(ن پ ا): ٽائون ڪميٽي اڏيرولال اسٽيشن جي رهواسين کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ سوا ڪروڙ جي لاڳت سان تيار ٿيل ٽانڪي جو اڃان افتتاح ئي نه ٿيو ته هڪ بااثر ٺيڪيدار پاران ٺاهيل ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي، ٽن ڏينهن کان رهواسي توڙي سياسي سماجي ڌريون ٺيڪيدار کان ٽانڪي ڊاهڻ لاءِ اجازت نامو ڏيکارڻ جو چوندا رهيا پر ٺيڪيدار ٽال مٽول ڪندو رهيو، جنهن کان پوءِ حد جي پوليس ۽ رهواسي پهچي ٽانڪي مان سريو ڪڍڻ واري عمل کي روڪرائي ڇڏيو آهي، هتان جي رهواسين جو اهو ئي چوڻ آهي ته کين اجازت نامو ڏيکاريو وڃي ته ڪنهن جي حڪم تي واٽر سپلاءِ جي ٽانڪي کي ضعيف هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڊاٿو ويو آهي، جنهن کان پوءِ اتي موجود مزدورن اين او سي اچڻ تائين ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي.