نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ۾ سيپڪو ملازم نصرالله ڀٽو بجليءَ جي ٿنڀي تي ڪم ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي ڪري پيو، ساٿي ملازمن کيس اسپتال پهچايو، اسپتال ۾ ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ٻڌايو ته ڪرنٽ سبب نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو آهي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.