ڪيٽي بندر (ن پ ا) ٻگھاڻ ويجهو ڳوٺ حاجي عمر ڪڙمون ۾ چلھه مان باهه لڳڻ سبب چئن پورهيتن جا گھر سڙي رک ٿي ويا. متاثر خاندان بي يار و مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل. خبر موجب ٺٽي جي ساحلي تعلقي ڪيٽي بندر جي شهر ٻگھاڻ ويجھو ڳوٺ حاجي عمر ڪڙمون ۾ گھر جي چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب ڀر وارن گهرن ۾ باهه ڀڙڪي پئي، ڏسندي ئي ڏسندي چئن پورھيت ڳوٺاڻن عمر، مصطفيٰ، علي اڪبر ۽ اسماعيل ڪڙمون جا گھر ۽ گهرن اندر پيل سامان سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آڻي ڳوٺ جي وڌيڪ گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. ٻئي پاسي باھ متاثر پورھيت خاندان سخت لڪ ۽ شديد گرميءَ ۾ کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھي. باھ متاثر پورھيتن ضلعي انتظاميا ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کي واھر جي اپيل ڪئي آھي.