اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ ۾ دير جو سبب بڻجندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل  سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، ڪاميٽي کي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميوارين جي تعين به ڪندي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ سوڌو چئني صوبن جي حڪومتن پاران بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي معاونت نه ڪرڻ ۽ صوبن ۾ بلدياتي چونڊن کي التوا ۾ رکڻ لاءِ مختلف موقف اختيار ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي غور ڪيو ويو، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ ڊي جي قانون ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جوڙيل ڪاميٽي کي 5 نقطن کي سامهون رکي سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪاميٽي بلدياتي چونڊن کي يقيني بنائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ۽ قانوني ذميوارين کي ڏسندي، ڪاميٽي بلدياتي چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جو وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن مٿان ڀاڙڻ سان گڏ انهن سببن جو تعين ڪندي جنهن سبب بلدياتي چونڊن  ۾ دير ٿي رهي آهي، ڪاميٽي اهڙيون تجويزون تيار ڪندي جيڪي وفاقي حڪومت کي ضروري قانون سازي لاءِ موڪليون وڃن، جنهن سان اليڪشن ڪميشن جو بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن تي دارومدار گهٽ ٿي سگهي، اگر ڪاميٽي ضروري سمجهي ته اهڙيون تجويزون به ڏئي سگهي ٿي ته بلدياتي چونڊن جي حوالي سان اگر صوبائي حڪومتن تي اليڪشن ڪميشن جو انحصار گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي ته بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن کان واپس وٺي صوبائي حڪومتن کي ڏني وڃي ته جيئن صوبائي حڪومتون صوبن ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جون پاڻ ذميوار هجن.