نيويارڪ (م ڊ) صحت جا عالمي اداري ڊبليو ايچ او ڪورونا ويڪسين جي بوسٽر  شاٽس تي ٻيهر سوال اٿاري ڇڏيو، ڊبليو ايچ او جي سربراهه چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين جي بوسٽر شاٽس جي فائدي ۽ حفاظت بابت انگ اکر غيرحتمي آهن، هي اخلاقي مسئلو آهي ته ڪجهه ملڪ بوسٽر لڳائڻ جي قابل هجن ۽ ٻين ملڪن ۾ ويڪسين جي پهرين ۽ ٻئي خوراڪ به نه لڳي رهي هجي، آمريڪا ۾ بالغ ماڻهن کي مڪمل ويڪسين ٿيڻ جي 6 مهينن جي وقفي کانپوءِ ٽئين خوراڪ جي منظوري جو امڪان آهي، برطانوي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 12 کان 15 سالن جي ٻارن کي ويڪسين ڪرڻ بابت ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويو آهي.