اڏيرو لال(ن پ ا) تعلقي مٽياري جي 6  يونين ڪائونسل  اڏيرو لال وليج اڏيرو لال اسٽيشن عرضي هڪڙا حسين هنڱورو ڀائوخان پٺاڻ شير محمد ٺوڙها جي سوين زميندارن خيبر نيشنل هاء وي پهچي روڊ کي ٻنهي طرفن کان بند ڪري ڇڏيو ڊپٽي ڪمشنر مٽياري خلاف سخت نعريبازي ڊي سي مٽياري هٽايو مٽياري بچايو جا نعرا ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻن وڏيرو ايوب هنڱورو سيد شهزاد شاه غلام محمد هڪڙو شعيب بلوچ علي محمد ڏاهري سائين بخش خاصخيلي غلام مرتضا هنڱورو  ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برسات کي  ٽي مهينا گذرڻ باوجود اسان جي زمينن جو پاڻي ناهي نڪري سگهيو هن وقت به زمينن توڙي گهرن ۽ رستن تي پنج فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي جڏنهن ته  گهرن ۽ زمينن ۾ بدبودار  پاڻي بيهڻ ڪري ڪافي بيمارين جنم ورتو آهي جنهن ۾  مليريا ڊائيريا گيسٽرو چمڙي جي بيماري سميت ٻيو ڪيتريوئي بيماريو وڌي ويو آهن هنن جو چوڻ هو ته ڊي سي هڪ ظالم آفيسر آهي هتي اسين 8 ڪلاڪن کان ڌرڻو هڻي ويٺا آهيون اسان سان ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار ناهي ھنن جو چوڻ هو ته اسان پنج ڏينهن کان احتجاج جي ڪال ڏني آهي ته هوندي به ڊي سي جي ڪن تي جوء به ناهي سري جو اسان سان اچي ڳالهيون ڪري هنن جو اهو به چوڻ هو ته اسان جي قبرستانن ۾ پاڻي هجڻ ڪري لاش دفنائڻ لاء به پريشان آهيون اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ڊي سي هٽايو يا ته پاڻي ڪڍايو  هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد  مراد علي شاه سنڌ هائي ڪورٽ پ پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عدنان راشد ملڪ کي هٽائي اسان جي ٻنين جو پاڻي ڪڍرايو وڃي.