تاحيات نااهلي وارو آرٽيڪل 62 وَن ايف ڪارو قانون آهي: چيف جسٽس

0
281
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آھي ته تاحيات نااهلي وارو آرٽيڪل 62 وَن ايف ظالماڻو قانون آهي، چيف جسٽس پاڪستان عمرعطا بنديال پاران فيصل واوڊا جي نااهلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا

 چيف جسٽس چيو ته اسان هاڻوڪي ڪيس کي محتاط ٿي ٻڌنداسين، ڪيس کي تفصيل سان ٻڌنداسين، وڪيل وسيم سجاد عدالت کي ٻڌايو ته فيصل واوڊا 2018 ۾ چونڊ وڙهي، 2 سالن کانپوءِ هن جي غلط حلفي بيان تي نااهلي جي درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيفيصل واوڊا تاحيات نااهلي

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن کي غلط حلفي بيان تي جاچ ڪرڻ جو اختيار آهي، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو تاحيات نااهلي جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي به ڇڏي ته حقيقتون ته پوءِ به ساڳيون ئي رهنديون

 چيف جسٽس جو چوڻ ھو ته اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا ڪيس ۾ حقيقتن جو درست جائزو ورتو آهي، هن ڪيس ۾ بس سوال رڳو اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن تاحيات نااهلي جو حڪم ڏئي سگهي ٿي يا نه، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي

ھي به پڙھندا

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي وڏو رليف ملي ويو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي توهين عدالت ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو