ٽنڊو محمد :(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي برسات ٻوڏ متاثرين جي سهائتا لاءِ قومپرست سياسي سماجي تنظيمن گڏيل طور قومپرست عوامي اتحاد جي طرفان مرحليوار تحريڪ هلائڻ جو اڄ کان باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي ، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ قومپرست عوامي اتحاد جي صدر محمد جمن ملاح ، نائب صدر زاهد جسڪاڻي ، جنرل سيڪريٽري جاويد هاليپوٽو ، جوائنٽ سيڪريٽري صوفي حامد سنڌي ، خزانچي منور سومرو ، اطلاعت سيڪريٽري ساجد ڀٽي ۽ ٻين  پريس ڪانفرنس ذريعي چيو ته علائقي ۾ تازين برساتن ، دريائي ٻوڏ جي ڪچي جي متاثر ٿيل هزارين ماڻهن جي وفاقي  ۽ صوبائي حڪومت سهائتا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي ، بي گهر ٿي ويل ماڻهن کي پنهنجي گهر قائم ڪري ڏيڻ لاءِ ڪو به رليف ملي نه سگهيو آهي ، 9 انساني حياتين ضايع ٿيڻ باوجود ضلعي جي انتظاميه پنهنجي سروي سان ڪنهن به هڪ فوت ٿي ويل متاثر جي وارث کي اڃان تائين سنڌ حڪومت جي 10 لک روپيه معاوضي جي اعلان مان هڪ روپيو به ملي نه سگهيو آهي ، علائقي ۾ راشن تقسيم ڪرڻ جي نالي ۾ جيالا پنهنجو پاڻ ۾ هڪٻئي کي خوش رکڻ تائين محدود آهن پر متاثرين جي درن تي هڪ راشن جو ڪٽو مهينو گذرڻ باوجود ملي نه سگهيو آهي ، راشن ۽ امدادي سامان کي گدامن ۾ رکي لڪايو وڃي پيو. ٻوڏ متاثرين جي سهائتا لاءِ عملي طور جدوجهد ڪرڻ جو اڄ کان آغاز شروع ڪيو وڃي ٿو تعلقي ۽ ضلعي سطح تي ڌرڻا هنيا ويندا.