مٺي (رپورٽر) مٺي جي جڳديش ڪالوني ۾ 74 ورهين جي بيواهه امرو زال پٿو مهراج جو گهر اندر بجلي جي پکي ۾ ٽنگيل لاش ڏسي گهر ڀاتين پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال مٺي منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف پيرسن عورت جي وارثن موجب ته عورت جو ڪافي وقت کان دماغي توازن درست نه هو ۽ هو ننڍي پٽ سان گڏ رهندي هئي، هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته پيرسن عورت جو ڦاهو کاڌل لاش مليو آھي، جاچ بعد اصل حقيقت سامهون اچي سگهندي، وارثن واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو آھي، واقعي جي گهڻ رخي جاچ ڪيون پيا.