جھول (ن پ ا) جھول ويجھو ڳوٺ گھنڊڻ ۾ ذھني مريض درويش صفت نوجوان شاهد ولد نثار احمد راجپوت گذريل رات گھران نڪري ڳوٺ ڀرسان وڻ ۾ ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ڳوٺاڻن لاش ٽنگيل ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش وڻ مان لھرائي اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن ٻڌايو ته نوجوان جو دماغي توازن درست نه هو جنهن ڪري ڦاهو کائي آپگهات ڪيو.