مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ نوجوان ناري شنيلا ميگهواڙ سان مبينا اغوا بعد ڏاڍائي واري معاملو نئون رخ اختيار ڪري  ويو، الزام هيٺ آيل پوليس انسپيڪٽر پاران ناري سان شادي ٿيل هجڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾  ايس ايس پي آفيس مٺي ۾ مقرر پوليس انسپيڪٽر گومون ميگهواڙ ٻي شادي ڪرڻ جي تصديق ڪندي ناري کي اغوا ۽ لڄالٽ جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، پوليس انسپيڪٽر گومون ميگهواڙ ٻڌايو ته مون 5 جنوري 2022ع تي ڳوٺ کاڙڪ جي ناري شنيلا  ڌيءَ ايسرو ميگهواڙ سان هندو ريتن رسمن موجب ٻي شادي ڪئي، جنهن ۾ نينگري جي والدين جي رضا مندي شامل هئي، جنهن کانپوءِ مون پنهنجي ٻي گهر واري کي شادي ڪرائيندڙ ڦڦي جي پٽ گلجي ميگهواڙ جي گهر ۾ ترسايو، جنهن بعد منهنجي ٻي زال کي گلجي ميگهواڙ ۽ ٻين پٽيلن طرفان پئسن جي لالچ ڏئي ورغلائي منهنجي خلاف ڀڙڪايو ويو، جنهن بعد شنيلا ميگهواڙ  12 جنوري تي ايس ايس پي  ٿرپارڪر وٽ منهنجي خلاف درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته منهنجو مڙس گومن مل شادي ڪرڻ بعد مونکي ڦڦي جي گهر ڇڏي هليو ويو آهي ۽ مونکي سنڀالي نٿو، اهڙي درخواست کانپوءِ برادري جي پٽيلن ۽ چڱن مڙسن مونکي هيسائڻ جي ڪوشش ڪري ذهني ٽارچر ڪيو،  هن ٻڌايو ته منهنجي ٻي گهر واري شنيلا کي ماڻهن ورغلائي منهنجي خلاف عدالت ۾ اغوا ڪري زبردستي لڄالٽ ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي آهي ۽ مونکان بليڪ ميل ڪري 30 لک رپيا رشوت گهري رهيا آھن، هن چيوته مون شادي ڪئي آهي، عدالت مان انصاف جي اميد آهي.