ڪراچي: تعليم کاتو 2012 ۾ ٿيل ڀرتين بابت جوڙيل جاچ ڪاميٽي ختم ڪري ڇڏي

0
147

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي جي اختيارين سال 2012 ۾ ٿيل ڀرتين بابت جوڙيل اعليٰ سطحي جاچ ڪاميٽي ختم ڪري ڇڏي

سيڪريٽري تعليم پاران 14 جنوري تي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل جي سربراهي ۾ 7 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي هئي، جنهن حوالي سان روزاني (پنهنجي اخبار) ۾ ان ڪاميٽي بابت شايع ٿيل خبر بعد تعليم کاتي جي اختيارين 14 جنوري وارو نوٽيفڪيشن ڪينسل ڪري ڇڏيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته سال 2012 ۾ ٿيل شڪي ڀرتين بابت تعليم کاتي جي اختيارين پاران هڪ ڀيرو جاچ ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي، اهڙو معاملو پنهنجي اخبار ۾ اچڻ بعد تعليم کاتي جي اختيارين ڳجهه ڳوهه ۾ ٺاهيل ڪاميٽي به ختم ڪري ڇڏي، سال 2012 واري ڀرتين کي اڳ قائم ٿيندڙ جاچ ڪاميٽين پاران غير قانوني ڄاڻايو ويو هو