ڪنڌڪوٽ ۾ نينگر سان جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، حالت خراب

0
165
ڪنڌڪوٽ ۾ نينگر سان

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ ۾ 9 ورهين جي نينگر الياس عرف پپو لاشاري سان مبينا جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف ٿيو آهي

متاثر نينگر جي والد والد عبدالڪريم لاشاري جو چوڻ آهي ته پٽ الياس عرف پپو لاشاري کي  شدو شيخ زيادتي ڪري ظلم ڪيو آهي، نينگر جي حالت تمام خراب آهي

نينگر جي امڙ ليڊي هيلٿ ورڪر گلبانو لاشاري دانهيندي ٻڌايو ته پُٽ گهمڻ ڦرڻ کان به لاچار آهي

ايس يو پي اڳواڻ دلمراد ڏاهاڻي ظالمن کي بااثرن جي پٺڀرائي حاصل آهي، ضلعي اندر اهڙا معاملا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، ظالمن خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، متاثر نينگر ۽ ان جي والدين سان انصاف نه ٿيو ته ايس يو پي جي سڏ تي احتجاجي ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويندو