ميھڙ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ ايس يو پي پاران انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو

0
147
ميھڙ ۾ پاڻي کوٽ خلاف

ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ميھڙ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويو، پاڻي کوٽ خلاف ھنيل ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ ھارين، آبادگارن توڙي شھرين شرڪت ڪئي، اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا ويا

آبادگارن جو چوڻ ھو تھ ميھڙ رائيس ڪينال ، ڪڪول واه سميت ڪيترن شاخن ۽ واھن م پاڻي نه پھتو جنھن سبب ساريالو نه فصل نه ٿي سگھيو آھي

ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ ميھڙ ۾ پاڻي گھرڻ تان پوليس پاران آبادگارن ۽ ھارين مٿان گوليون ھلايون ويون جنھن عمل جي مذمت ڪيون ٿا

ميھڙ انڊس ھاءِ وي تي لڳل ڌرڻي سبب مظاھرين جي شديد نعريبازي، ٻنھي پاسن کان روڊ بند ٽريفڪ معطل ٿي وئي، پاڻي جي فراھمي ۽ آبادگارن ۽ ھارين مٿان گوليون ھلائيندڙ اھلڪارن خلاف ڪارروائي جي گھر پڻ ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف پيٽ تي پٿر ٻڌي احتجاج