سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف پيٽ تي پٿر ٻڌي احتجاج

0
171

ڪراچي: سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ مهانگائي سوڌو صوبي جي ٻرندڙ مسئلن خلاف احتجاجن جو سلسلو جاري آهي

 قمبر ۾ شهرين پيٽ سان پٿر ٻڌي ريلي بعد احتجاج رڪارڊ ڪيو، جڏهن ته پاڻي جي چوري ۽ مهانگائي خلاف نعريبازي ڪئي وئي

گپچاڻي ۽ باڊهه ۾ آبادگار پاڻي کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، سيوهڻ ۾ رڪشا يونين جي سڏ تي پئٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ خلاف مظاهرو ڪيو ويو

مظاهرين جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هڪ پاسي پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جي سنگين کوٽ آهي، ٻئي پاسي وڌندڙ مهانگائي غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي