ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ ۾ بدامني ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾  سنڌ هاري ڪاميٽي جي طرفان ميهڙ ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ، اقليت برادري سان ناانصافين ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ميھڙ جي گھنٽا گھر چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو. هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ ٻين چيو ته برسات متاثر علائقن مان فوري طور تي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن ڪڻڪ جو فصل ٿي سگهي برسات متاثر علائقن جي جلدي سروي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي تباه ٿيل فصل جو نقصان هارين آبادگارن کي ڏنو وڃي انتظاميا جي نااهلي جي ڪري ٻوڙايل علائقن ۾ روڊن رستن کليل آسمان ۾ ويٺل برسات متاثرن اقليتن سان ناروا سلوڪ ڪرڻ واري عمل جي خلاف آهيون انتظاميا پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاء متاثرن تي پريشر وجهڻ بند ڪري سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته برسات متاثر علائقن جي ماڻهن کي پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن پڙهيل لکيل نوجوانن کي سرڪاري ادارن خالي ٿيل جڳهن تي برسات متاثر علائقن جي ماڻهن کي اولين ترجيح ڏئي انھن کي سرڪاري ادارن ۾ کنيو وڃي. ٻئي پاسي  نالي واري سماج سڌارڪ سنڌو نواز گانگھرو جي ڪار چوري واقعي خلافي يوٿ ايڪشن ڪاميٽي۔ سول سوسائٽي ۽ شهرين حمزو چانڊيو ، مير شڪيل عطار، عابد آزاد، ايس يو پي اڳواڻ حاجي خان مارفاڻي علي نواز سومرو آصف چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي آڏو ٽئين ڏينھن به احتجاجي مظاھرو ڪيو ويون. ھنن گُھر ڪئي ته ميھڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني تي ضابطو آڻي سماج سڌارڪ سنڌو نواز گھانگھرو جي چوري ٿيل ڪار واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ دادو ضلع ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ٻن ڏينھن بعد ايس ايس پي دادو جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو