هنڱورجا (ن پ ا) هنڱورجا، رسول آباد ۽ يوسي سيٺارجا جي ڳوٺن جو برساتي پاڻي ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿيڻ جي خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين ڪانڊيرو خان سهتو، عزيز ميمڻ، خدا بخش سهتو، حاجي خان چانگ، امجد سهتو، سجاد علي آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏهاڙي به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين چيو ته ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود سوين ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي 4کان 6 فوٽن تائين بيٺل آھي، ڪابه واهر ناهي ٿي، نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.