ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ۾ سيوهڻ پوليس جي ظلمن خلاف واپارين احتجاج ڪيو، واپاري الاهي بخش ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڀان سيدآباد ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي سيوهڻ جي واپاري الاهي بخش ڀٽو ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته سيوهڻ پوليس بناجواز جي ٽارگيٽ ڪري رهي آهي، آراضي مان ڪڻڪ چوري جو الزام هڻي بناجواز جي سيوهڻ پوليس زيادتيون پئي ڪري، اسان سيوهڻ جا واپاري آهيون، پوليس ڀتو طلب ڪري رهي آهي، پوليس ناجائزين جي حد پار ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته سيوهڻ جي ايس ايچ او نيڪ محمد کوسو ۽ ون فائيو انچارج منظور دل منهنجي رائيس مل تي بناجواز جي ڇاپو هنيو، پوليس منهنجي مل مان لکين رپين روڪ رقم کڻي وئي آهي، منهنجي ساک به متاثر ٿي آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي، هن آخر ۾  آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته سيوهڻ پوليس جي ظلمن جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سيوهڻ پوليس جي ظلمن خلاف عدالت جو در کڙڪائينداسين ۽ انصاف ملڻ تائين احتجاج جاري رکنداسين.