ميهڙ شهر جي رنگ بند تي دٻاءُ، عورتون ۽ ٻارڙا پهرا ڏيڻ لڳا

0
350
ميهڙ شهر جي رنگ بند

ميهڙ شهر جي آخري ڊفينس لائين رنگ بند تي پاڻيءَ جو دٻاءُ برقرار آهي، بند جي چوڌاري 7 فُٽ تائين پاڻي جو چاڙهه آهي

ميهڙ واسي عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي بند کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن

ايم اين وي ڊرين جا وهڪرا وڌڻ سان جوهي شهر جي رنگ بند تي دٻاءُ برقرار آهي، جوهي ڪاليج ڀرسان بند کي لڳل روڻ ڳوٺاڻن بند ڪري ورتي

 وڏي انگ ۾ شهري رنگ بند جي ڪمزور حصن کي مضبوط ڪرڻ ۾ رُڌل آهن، ٻار به شهر بچائڻ لاءِ پنهنجي نازڪ ڪُلهن تي مٽيءَ سان ڀريل ٻاچڪا کڻندا رهيا

ھي به پڙھندا

وڏي وزير ۽ نادر مگسي وچ ۾ قمبر شهدادڪوٽ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ تان تڪرار

سيوهڻ بچائڻ لاءِ منڇر کي 200 فوٽن جو ڪٽ، دٻاءُ برقرار، وڌيڪ 2 ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو