اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ گوڙاڻي ڊيم متاثر ڳوٺ سليمان حجام جي رهواسين عورتن ۽ مردن اينگرو ڪمپني جي مبينا زيادتين ۽ معاضي واري رقم نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مسمات حُرمت ٻائي، دانا ٻائي، نورجهان، رُڪايت، مصطفيٰ حجام، عارب حجام، عرس حجام ۽ ٻين چيو ته ڪمپني جي عملدارن واعدا ڪيا هئا ته هر سال في خاندان کي ملندڙ لک روپيا معاوضي واري قسطن ۾ توهان جا نالا شامل ڪيا ويندا پر اڃا تائين ان تي عمل ناهي ٿيو، هنن چيو ته هاڻي اينگرو ڪمپني وارا چون ٿا ته توهان هن ڳوٺ جا رهواسي ئي ناهيو، هنن مطالبو ڪيو ته ڪمپني کان معاوضو ڏياريو وڃي،