ٺاروشاهه: سنڌ ميمڻ اتحاد جو مرڪزي وائيس چيئرمين سجاد امداد ميمڻ ٺاروشاھ  پھچي متاثر شاگردياڻي بسمه ميمڻ ۽ سندس وارثن سان ملاقات ڪري واقعي جا تفصيل ورتا، ان موقعي تي ميمڻ اتحاد اڳواڻ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جوابدارن نياڻي سان وڏو ظلم ڪيو آهي، ڪريل حرڪت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته جوابدار ڪيڏا به با اثر ڇو نه ھجن کين ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ھن مطالبو ڪيو ته نياڻي بسمه ميمڻ جي تذليل ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.