ٺارو شاهه: ٺارو شاهه پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار عمران راجپوت جي گرفتاري لاءِ سندس گهر کي ڪڙو چاڙهي ڇاپو هنيو ته وارثن سخت مزاحمت ڪندي پوليس مٿان حملو ڪري ڏنو ۽ ٻن پوليس اهلڪارن شاهد ڪلهوڙو ۽ رشيد سولنگي کي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو، جنهن ۾ اهلڪارن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا، بعد ۾ ايس ايچ او وڏن اٽالن سان ڪارروائي ڪري يرغمال بڻايل ٻنهي پوليس اهلڪارن کي بازياب ڪرائي ورتو، هوڏانهن مبينا جوابدار جي ڀاءُ ممتاز راجپوت ٻڌايو ته اسان جي گهر ۾ شادي جو ڪاڄ رٿيل ھو، جنهن دوران اوچتو پوليس گهر ۾ گهڙي عورتن تي تشدد ڪيو، جنهن بعد مزاحمت تي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، اهلڪارن تي ڪو به حملو ناهي ڪيو،