ميرپور ماٿيلو ۾ پوليس طرفان نجي ٽارچر سيل ۾ 2 ڄڻن کي ناحق قيد ڪرڻ جو انڪشاف

0
611

ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلو ۾ پوليس طرفان نجي ٽارچر سيل ۾ 2 ڄڻن کي ناحق قيد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن حوالي سان ٽائيم نيوز پوليس جي نجي ٽارچر سيل جا فٽيجز هٿ ڪري ورتا، فٽيجز ۾ نظر اچي رهيو آهي ته نجي ٽارچر سيل ۾ ٻن ڄڻن کي قيد ڪري اهلڪار مقرر ڪيو ويو، نجي ٽارچر سيل ۾ هٿڪڙين سان واڙيل ٻن ڄڻن تي پوليس پاران وحشياڻو تشدد به ڪيو ويو، نجي ٽارچر سيل جي نشاندهي ڪرڻ تي پوليس ٽائيم نيوز جي رپورٽر برڪت ميراڻي تي ڏمرجي پئي، پوليس موبائيل ۾ کنڀي وڃڻ بعد وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد اهلڪار برڪت ميراڻي جو موبائيل فون کسي کڻي ويا، ٽائيم نيوز جي نشاندهي کانپوءِ ڪوريج تي پهتل ٻين ڪجهه صحافين کي به پوليس مبينا طور کنڀي وئي..