جھول ۾ وياج خورن جو ظلم، 60 هزارن جي عيوض 16 لک وصول

0
466

جھول(ن پ ا) جھول ۾ وياج خورن جي چڪر ۾ آيل نوجوان وياج تي ورتل 60 هزارن روپين جي موٽر سائيڪل عيوض وياج خورن هٿان ساڍا 16 لک روپين کان مٿي جي رقم ڦرائي ويٺو، ُوياج خور وڌيڪ 7 لک روپين جي رقم جي گهر ڪري رهيا آهن متاثر نوجوان طرفان وڌيڪ رقم ڏيڻ کان انڪار تي زور آور وياجن طرفان نوجوان کي قتل اغوا ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳا، وياج خورن جي ڏنل ڌمڪين تي نوجوان جي خاندان ۾ بيچيني ڦهلجي وِئي نوجوان جو پنهنجي والد سميت احتجاج ڪندي وياج خورن کان تحفظ ۽ فراڊ وسيلي ڦريل رقم جي واپسي جو مطالبو ڪيو آهي، جھول کان 8 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي قائم ڳوٺ ڪرڪلي جي رهواسي بلاول علي لغاري پنهنجي والد غلام محمد لغاري سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته ڪرڪلي شاخ جي وياج خورن پريم مينگهواڙ سندن پارٽنر رمضان بروهي کان اڄ کان2 ورهيه اڳ 60 هزار روپيا ماليت جي موٽر سائيڪل هڪ مهيني جي رکت تي ورتي مهيني ۾ پئسا نه ٿيڻ جي صورت ۾ وياج مٿان وياج لڳائي ٻن سالن ۾ اسان کان ساڍا سورنهن لک وياج وٺي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ست لکڻ جي گهر ڪري رهيا آهن ۽ پئسا ن ڏين جي صورت ۾ اغوا ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هنن مطالبو ڪيو ته وياج خورن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ڦريل رقم واپس ڪرائي وڃي.