ميرپورخاص (رپورٽر) 96 ڪلو گرام آفيم ھٿ ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار محمد اقبال ڀٽي جي پڪي ضمانت منظور، ان ڏس ۾ ھڪ ھفتو اڳ ڪراچي کان غلام نبي شاھ ويندڙ پوٽوھار جيب سان حادثو پيش آيو، جتي محمود آباد پوليس پھچي ان مان 96 ڪلو گرام آفيم ھٿ ڪري جوابدار اصغر کي گرفتار ڪري مٿان 9 سي نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ھو ۽ بعد ۾ جوابدار انڪشاف ڪيو ته اھو مال محمد اقبال ڀٽي جو آھي، جنھن بعد انھي کي به ڪيس ۾ نامزد ڪري گرفتار ڪيو ويو. جوابدار وڪيل محفوظ لغاري معرفت عدالت ۾ گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جوابدار محمد اقبال ڀٽي جي 50 ھزارن جي مچلڪن عيوض پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي.