مدئجي (ن پ ا) ڪجھه ڏينهن اڳ مدئجي ٿاڻي تي ڳوٺ سهتا جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات اقبال خاتون سهتو پنهنجي شادي شده ڌيءُ فيروزان سهتو ۽ ٻارن سميت پهچي دانهيو هو ته ناٺي گهر تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري مون کي ڌيءُ سميت قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد اڄ ٿاڻي تي گناهه نمبر 22_2021 تحت مسمات اقبال خاتون سهتو جي فرياد ته سندس ناٺي سليم سهتو خلاف موتمار ڌمڪين ۽ فائرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار گرفتار ٿي ناهي سگهيو آهي.