مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ۾ گذريل ڏينهن ڊاڪٽر صفي الله ڀٽي تي اسپتال ۾ حملي ۽ ھڪ سال اڳ سندس ڀاءُ استاد محمد يوسف ڀٽو جي گهر مان ڌاڙي هڻڻ جو جرڳو وڏيري بابو خداداد بروهي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جرڳي ۾ ڳالهيون ٻڌڻ بعد گلزار مهر ڌر مٿان ڏوھ ثابت ٿيڻ تي گهر ۾ ڌاڙو جا 4 لک ۽ اسپتال ۾ ڊاڪٽر مٿان حملي جا 2 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو،گلزار مهر جي ڌر هڪ لک رپيا ٿڏي تي ادا ڪيا، بقايا رقم هڪ مهيني اندر ڏيڻ جو چيو، ٻنهي ڌرين پاران فيصلو قبول ڪيو ويو، جنهن بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. ياد رهي ته گهر مان ڦر دوران گهر ڌڻي استاد محمد يوسف ڀٽو گلزار مهر کي سڃاڻي ورتو هو ۽ اهڙو ڪيس به ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي، جڏهن ته 2 ڏينهن اڳ گلزار مهر مبارڪپور اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽر صفي الله ڀٽو مٿان حملو ڪيو هو، جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪري گلزار مهر کي گرفتار پڻ ڪيو هو.