رنگون(م ڊ) ميانمار جي راڄڌاني جي بدنام انسين جيل ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 ماڻهو مارجي ويا. جيل جي دروازي تي ٻه پارسل بم ڦاٽي پيا مارجي ويلن ۾ جيل جي عملي سميت قيدين سان ملاقات جي لاءِ آيل پنج ماڻهو به شامل آهن جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڏهه ماڻهو زخمي پڻ ٿي پيا آهن.