راولپنڊي(م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته لال حويلي خالي ڪرائڻ لاءِ منهنجي لاش مٿان گذرڻو پوندو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پنهنجي تازي انٽرويو جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي ته جنهن ۾ کيس لال حويلي خالي ڪرائڻ واري ڪيس بابت ڳالهائيندي ڏٺو ويو. وڊيو ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته هتي جهيڙو عمارتن کان شروع ٿيندو آهي، ايف بي آر طلب ڪيو آهي. شيخ رشيد چيو ته لال حويلي لاءِ منهنجي لاش مٿان گذرڻو پوندو، مان ننڍپڻ ۾ لال حويلي جي هيٺان چائلڊ ليبر طور ڪتاب کپائيندو هئس، مون هتي جهندو ڦڙڪايو، مان اهو جهنڊو ڪٿي به ڦڙڪائي سگهان پيو.