راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي پوليس چئن ورهين جي سعيد احمد تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو. راولپنڊي جي نصيرآباد ٿاڻي ۾ چئن سالن جي ٻالڪ سعيد احمد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته ٻار ، زال ۽ مڙس تي سرن سان سان حملو ڪيو. بعد ۾ چئن ورهين جو ٻارڙو ضمانت لاءِ ايڊيشنل سيشن جج سهيل انجم جي عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻارڙي کي والد جهولي ۾ کڻي سيشن جج آڏو پيش ٿيو. ٻارڙي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نصيرآباد پوليس اکيون پوري ڪيس داخل ڪيو، چئن سالن جي ٻارڙي  سعيد احمد تي جيڪي قلم لڳايا ويا آهن انهن جي سزا ڏهه سال آهي تنهن ڪري ايس ايڇ او نصير آباد ۽ جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. عدالت چئن سالن سعيد احمد جو نالو ڪيس مان خارج ڪرن جو حڪم ڏنيدي ڪيس جي جاچ آفيسر کي طلب ڪري ورتو آهي.