مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ محمد پريل لنڊ جي رھواسين پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي   خدا بخش لنڊ، علي حيدر لنڊ، شاھنواز لنڊ،  رمضان لنڊ ۽ ٻين دانهيندي چيو تہ اسان جي ڪچي جي ديھ ڪلھوڙا ۾ تقريبن 35 ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين ليز تي کنيل آھي جنھن تي تر جا بااثر قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، اسان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، لنگهه بند ڪيا ويا آهن. نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.