لاهور(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي رويي سبب ناراض پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ جي ميزباني جي حوالي سان اڄ اهم پاليسي بيان جاري ڪندو. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي رويي کان ناراض پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ جي ميزباني جي حوالي سان اڄ اهم پاليسي بيان جاري ڪندو. پي سي بي مينجمينٽ ڪميٽي جو سربراهه نجم سيٺي اڄ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندو جنهن ۾ اهم اعلانن جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي  ته نجم سيٺي متحده عرب امارات جي دوري دوران انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل، ڀارتي آفيشلز ۽ ٻين اختيارين سان ملاقاتن جا تفصيل شيئر ڪندو. ٽيم مينجمينٽ جي مقرري ۽ ڪپتاني جي معاملن تي به حڪمت عملي تي بريف ڪندو ۽ قومي ٽيم جي سينيئرز ۽ جونيئر سليڪشن ڪميٽي جي حوالي سان به اهم اڳڀرائي بابت آگاهه ڪندو. افغانستان طرفان مارچ ۾ 3 ون ڊي ميچز کيڏڻ جي آڇ تي به نجم سيٺي ردعمل ڏيندو، پي سي بي ۾ اهم مقرر سان گڏوگڏ ڊيپارٽمنٽل ڪرڪيٽ جي بحالي سميت ٻين معاملن تي اپ ڊيٽ به پريس ڪانفرنس جو حصو آهي.