موت جو ڊرامو ڪندڙ اداڪاره پونم پانڊي خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو

0
98
موت جو ڊرامو ڪندڙ اداڪاره پونم پانڊي خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو
موت جو ڊرامو ڪندڙ اداڪاره پونم پانڊي خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو

ممبئي ( شوبز نيوز) ڀارتي فلم انڊسٽري جي فنڪارن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ آل انڊيا سيني ورڪرز ايسوسيئيشن اداڪاره ۽ ماڊل پونم پانڊي خلاف ڪانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ان ڏس ۾ ڀارتي ميڊيا موجب تنظيم ممبئي جي ڪمشنر کي خط لکيو آهي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي پونم پانڊي ۽ ان جي مينيجر خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي

ان موت جو مذاق اڏاريو آهي، آل انڊيا سيني ورڪرز ايسوسيئيشن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پونم پانڊي جو جعلي پي آر اسسٽنٽ انتهائي غلط آهي، پاڻ کي مشهور ڪرڻ لاءِ هن سرويڪل ڪينسر جهڙي مرض جو استعمال ڪيو آهي جيڪو ناقابل قبول آهي

خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ان خبر کانپوءِ ماڻهو فلم انڊسٽري جي ڪنهن به موت جي خبر تي يقين ڪونه ڪندا جنهنڪري پونم ۽ سندس مينيجر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي

خط موجب اڳيان هلي ڪير شهرت لاءِ اهو ڊرامو نه ڪري،واضع رهي ته 2 فيبرپري جي صبح پونم پانڊي جي اسٽاگرام ته سندس فوت ٿيڻ جي خبر هلائي وئي هئي