مني بجيٽ ۾ پيٽرول جا اگهه وڌائڻ بابت ڪا به ترميم ناهي: مزمل اسلم

0
145
مني بجيٽ ۾ پيٽرول جا

ڪراچي (م ڊ) ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم مني بجيٽ ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مزمل اسلم چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ لاءِ مني بجيٽ ۾ ڪا به ترميم ناهي ڪئي وئي، ڇو ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعلق عالمي مارڪيٽ سان آهي

 مزمل اسلم اعتراف ڪيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سان مهانگائي وڌي وئي، پاڪستان ۾ خريد جي قوت وڌي رهي آهي ۽ گروٿ به وڌي رهيو آهي پر اپوزيشن ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿي