ڪراچي واسي خبردار: شهر ۾ اڃا وڌيڪ ٿڌ پوندي

0
194
ڪراچي واسي خبردار

ڪراچي(م ڊ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ وڌيڪ ٿڌ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز موجب ڪراچي ۾ 22 ۽ 23 جنوري کان گرمي پد سنگل ڊيجٽ ۾ وڃي سگهي ٿو ۽ سڄي هفتي ۾ ٿڌ جي شدت برقرار رهندي

هن چيو ته ڪراچي سوڌو سنڌ جي ٻين شهرن ۾ هن وقت برسات جو امڪان ناهي پر 21 ۽ 22 جنوري تي سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ برسات ٿي سگهي ٿي

ڊائريڪٽر موسميات کاتي موجب مري ۾ تازي برفباري جو امڪان ناهي پر هلڪي ڦُلڪي برفباري ٿيندي