سن ۾ پابندي ناهي لڳائي، سنڌ سرڪار طرفان سرگرمين جي مڪمل اجازت آهي: سعيد غني

0
244
عمران خان هن ئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سن ۾ پابندي ناهي لڳائي، سنڌ سرڪار پاران سرگرمين جي مڪمل اجازت مليل آهي، اسان سنڌ اسيمبلي آڏو جماعت اسلامي جي ڌرڻي کي ناهي روڪيو ته سن ۾ سياسي سرگرمي کي ڪيئن روڪيندا سين، جيڪڏن اتان جي انتظاميا ڪي قدم کنيا آهن ته انهن سان ڳالهايان ٿو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته پي ٽي آئي وارا مني بجيٽ واري مسئلي تان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڊرامو ڪري رهيا آهن، پي ٽي آئي سرڪار جي اچڻ کان اڳ ملڪ تي 25 ارب ڊالر قرض هو هاڻي 45 ارب ڊالر ٿي ويو آهي

هن چيو آهي ته  ملڪ ۾ گيس جو شديد بحران آهي ان تان عوام جو ڌيان هٽايو پيو وڃي، کنڊ، يوريا، ايل اين جي، ڪڻڪ  جي بحران تان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڊرامو ڪيو پيو وڃي

هن چيو آهي ته پي ٽي آئي وارا هر بحران جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏين ٿا، مري ۾ 23 ماڻهو فوت ٿيا آهن، مري ۾ ڦاٿل ماڻهو رڙيون ڪندا رهيا پر حڪومت واهر لاءِ نه پهتي

هن چيو آهي ته 23 ماڻهن جي قتل تي ڪنهن به استعيفيٰ ناهي ڏني، سنڌ ۾ ڪو ننڍو واقعو ٿئي ته بلاول ڀٽو زرداري کي ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو پر مري واقعي تي چون ٿا ته انتظاميا ذميوار آهي

هن چيو آهي ته مخالف ڌر جي احتجاج دوران ٽنهي پارٽين ۾ جهيڙا ٿيندا رهيا، هن احتجاج مان ثابت ٿي ويو ته احتجاج ناڪام ٿيو آهي، ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا جن کي ڪوڙ ڳالهائي لالچ ڏئي آندو ويو هو

سعيد غني چيو آهي ته پي ٽي آئي جا اهي اڳواڻ به موجود هئا جن وسيم اختر تي ڪرپشن جا سنگين الزام هنيا هئا، پي ٽي آئي وارا ٻڌائن ته جيڪي ايم ڪيو ايم جي وسيم اختر بابت انهن جو موقف ساڳيو ئي آ يا تبديل ٿي ويو آهي

هن چيو آهي ته متحده پاران هنيل بينرن ۾ لکيو ويو ته ڳوٺاڻي سنڌ جو شهري سنڌ تي قبضو نامنظور، ان بابت جي ڊي اي ۽ پي ٽي آئي وارا انهن کان پڇن ته اهي غير مقامي ڪير آهن، ڇا پي ٽي آئي ۽ جي ڊي اي متحده جي ان موقف سان اختلاف رکن ٿا يا سهمت آهن

هن وڌيڪ چيو آهي هت جيڪي ڪراچي شهر ۾ هڙتالون ڪرائيندا هئا اڄ اهي ويهي درس ڏين ٿا، سمورا واپاري انهن ڀتا ڏيندا هئا اڄ اهي پيپلزپارٹي جي بغض ۾ چون ٿا مڪاني قانون منظور ناهي، هتي وڪيلن کي جيئرو ساڙيو ويو هو، 12 مئي ڪنهن کان وسريو آهي؟ زيادتي اها ٿي رهي آهي ته ڀتا خوري بند ٿي وئي آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي بند ٿي وئي

هن چيو ته متحده ۽ پي ٽي آئي کي ايندڙ مڪاني چونڊن جي هارائڻ جو خوف کائي رهيو آهي ان ڪري عوام جي جذبات کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، افسوس آهي ته ان عمل ۾ جي ڊي اي به انهن سان گڏ آهي

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ جي داخلا پاليسي بابت لاڳاپيل وزير سان ڳالهايان ٿو، ڪنهن به يونيورسٽي کي پنهنجي مرضي جي پاليسي ٺاهڻ نه ڏبي، جيڪا سنڌ حڪومت ۾ وفاق جو قانون آهي ان تحت ئي پاليسيون ٺاهڻ گهرجن

ھي به پڙھندا

سائين جِي ايم سيد جِي 118 سالگرا جَي موقعي تي سن ۾ گڏجاڻين تي پابندي لاڳو