ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن لاءِ چونڊ عمل جي اڄ کان باقاعده شروعات

0
121
ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن لاءِ چونڊ عمل جي اڄ کان باقاعده شروعات
ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن لاءِ چونڊ عمل جي اڄ کان باقاعده شروعات

ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن لاءِ چونڊ عمل جي اڄ کان باقاعده شروعات، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون وڙهڻ جي خواهشمند اميدوارن پاران اڄ کان نامزدگي فارم وصول ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو

 اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ به اڄ کان جاري ڪيا پيا وڃن، نامزدگي ڪاغذ 20 ڊسمبر کان 22 ڊسمبر تائين جمع ڪرايا ويندا

اليڪشن ڪميشن موجب اميدوارن جي نظرثاني ٿيل لسٽ 11 جنوري تي جاري ڪئي ويندي، 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا، 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ سموري ملڪ ۾ پولنگ ٿيندي