شاهد خاقان عباسي عام چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
125

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي عام چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

 شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اليڪشن ۾ حصو نه وٺندس  نه نواز شريف سان رابطو ڪيو آهي نه ئي رابطي ڪرڻ ضرورت آهي، اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شاهد خاقان عباسيءَ خلاف داخل اپيل جي ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد بشير هلائي

 شاهد خاقان عباسي جو وڪيل ياسر اعواڻ عدالت آڏو پيش ٿيو، وڪيل  چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل آهي، ان جي فيصلي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 فئبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

 جڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته 2024ع واري اليڪشن ۾ حصو نه وٺندس، مون سان اڃا تائين نه نواز شريف رابطو ڪيو آهي نه ئي وري هاڻي ضرورت آهي، جنهن ليول پليئنگ فيلڊ سان  تحريڪ انصاف اقتدار ۾ آئي، اڄ به  اهي ئي حالتون آهن

هن چيو ته نگران وزيراعظم، چيف جسٽس ۽ اليڪشن ڪمشنر چون ٿا ته چونڊون ٿينديون ته ڇا توهان کي پڪ ناهي؟،4 سالن کان نيب ۾ڪيس رولڙي جو شڪار آهي، هڪ به گواهه ناهي آيو، ڪيس به نه ٿو هلي، هن نظام سان ملڪ نه هلي سگهندو

شاهد خاقان عباسي چيو ته ڇا نيب جي اڳوڻي چيئرمين کي خبر نه هئي ته هي ڪيس فضول هو، جڏهن بري ٿي ويندس ته چيو ويندو ته انصاف ٿي ويو، هن ناانصافي جو حساب ڪير ڏيندو،  سپريم ڪورٽ کي انهن ماڻهن جو احساس ڇو ڪو نه آهي؟، جن جا فيصلا 4ر سال کان عدالتن ۾ رولڙي جو شڪار آهن