ملڪ ۾ قاتل ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 118 ماڻهو فوت

0
273

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 118 ماڻهو فوت ٿي ويا، 5 هزار 611 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، سرڪاري انگ اکرن موجب پاڪستان ۾ ڪورونا سان فوتين جو تعداد 17117 ٿي ويو ۽ مجموعي ڪيسز 7 لک 95627 تائين پهچي ويو آهي، ان کان علاوه 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 3324 مريض صحتياب به ٿيا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 6 لک 89812 تائين پهچي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو مجموعي انگ 277593 ٿي ويو آهي جڏهن ته 4593 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪورونا جي مل مريضن جو تعداد 288598 آهي ۽ 7964 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ڪري حياتيون وڃائي ويٺا، بلوچستان ۾ مريضن جو انگ 21618 ۽ 232 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪي پي ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد 113121 آهي ۽ 3103 مريض فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 72981 آهي ۽ هن وقت تائين 660 مريضن فوت ٿي چڪا آهن..