ملڪاڻي شريف: آبادگارن جو شاخن جي پڇڙين ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج جاري

0
425

ملڪاڻي شريف: آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنبوه جي شاخن جرڪس، کوسڪي، ٻنگار، آئلپور، باگومائينر جي پوڇڙين ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگار مسلسل سراپا احتجاج آهن. سنڌ آبادگار تنظيم جي آبادگارن ٽئين ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي ملڪاڻي ۾ پنگريو جهڏو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. سنڌ آبادگار تنظيم جي آبادگار اڳواڻن پير فياض شاه راشدي، طارق محمود آرائين، لطف ملڪاڻي، محمد علي لسڪاڻي، سليمان ڦل ۽ ٻين ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته اسان جي شاخن جي پوڇڙين تائين پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو آھي، شاخن ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري اسين پنهنجون زرخيز زمينون آباد ڪري نه سگهيا آھيون، اسان پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاء پريشان آھيون. آبادگارن الزام هڻندي چيو ته آبپاشي عملدار اسان جي حق جو پاڻي مٿي واهن تي وڪرو ڪري اسان کي سڪائي معاشي طور تباه ڪيو ويو آھي. آبادگارن چيو ته اسان سان سپريم ڪورٽ ۽ هاء ڪورٽ انصاف ڪري آبپاشي عملدارن کي پاڻي ڏيڻ جا حڪم ڪيا هئا پر آبپاشي عملدار ڪورٽن جي حڪمن تي به عمل ڪرائڻ لاء تيار ناهن.